”رڳو سٺي خبر“ ڏيکارڻ لاءِ ٽي وي چئنل جي شروعات

نئين دهلي(م ڊ) ميڊيا جي ڪوڙين خبرن ۽ ڪوڙين وڊيوز کان تنگ ڀارتي عوام لاءِ سٺيون ۽ سچيون خبرون فراهم ڪرڻ لاءِ ملڪ گير سطح تي هڪ نئون چئنل لانچ ڪيو ويو آهي، نئين چئنل جو نلاو گڊنيوز ٽوڊي آهي جنهن جو نعرو ” سٺين ۽ سچين خبرن جي فراهمي“ آهي، نشرياتي ادارو انڊيا ٽوڊي جي ملڪيت آهي، گروپ جي وائيس چيئرپرسن ڪالي پوري چيو ته لانچ ٿيندڙ نئون چئنل اميد،انساني ڪاميابين، ايجادن ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ واقعن تي ٻڌل سٺيون خبرون نشر ڪندو، واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا جي جعلسازين سان ملڪ جا سنجيده ۽ باخبر حلقا ڪيترائي ڀيرا ڪاوڙ جو اظهار ڪري چڪا آهن، ڪالي پوري چيو ته سٺيون ۽ سچيون خبرون ڪٿان به هجن انهن کي ڦهلائڻ ۽ انهن تي خوش ٿيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان سڀني کي مُرڪن ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي ته جيئن ڦهليل مشڪلات ۾ به سٺائي ڏسڻ ۾ اچي نه ته اسان ٻڏي وينداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.