افغان قيادت قطر جي ٿورائتي

 

ڪابل(ويب ڊيسڪ)طالبان جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته افغان قيادت ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي قطر جي سهڪار جا ٿورا مڃيا آهن.

پنهنجي هڪ بيان ۾ سهيل شاهين جو چوڻ هو ته قائم مقام وزيراعظم مُلا محمد حسن اخوند قطر جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي آهي.

سهيل شاهين چيو ته ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن، اقتصادي ترقي ۽ عالمي رابطن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

طالبان ترجمان جو چوڻ هو ته قطري پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمٰن افغان قيادت ۽ عوام کي فتح جون مبارڪون به ڏنيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.