”حڪومت قانون مان صحافت نه، صحافين جو خاتمو چاهي ٿي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا اٿارٽي بل جي خلاف ن ليگ صحافين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي.

مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل جي حوالي سان صحافين جي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪيو.

هن چيو ته حڪومت هن قانونن مان صحافت نه پر صحافين جو خاتمو چاهي ٿي.

ن ليگ جي ترجمان چيو ته حڪومت جي ڄاڻايل ميڊيا اٿارٽي جو قانون، صحافت کي نه پر صحافين کي ختم ڪرڻ جي هڪ وڏي ڪوشش آهي جيڪا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهو هڪ آمراڻو قدم آهي ان جي خلاف ن ليگ صحافين سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

صحافين جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب جذباتي ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.