سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي ٽين ورسي تقريب

ٻلهڙيجي ۾ادبي سنگت  پاران سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي ٽين ورسي ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

تقريب جي صدارت سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽري ياسر منگي ڪئي ۽ خاص مھمان اقرار پيرزادو، ڪامريڊ مجيب پيرزادو، نوجوان شاعر عاقل ڪلھوڙو ۽ ظھير بسمل ھئا.

تقريب کي خطاب ڪندي ياسر منگي، اقرار پيرزادي، مجيب پيرزادي ۽ ٻين چيو ته لطف جو سان اٽوٽ رشتو ھو. ھن سچ جي ڳولا ۾ سڄي عمر گزاري.

ياسر منگي چيو ته لطف جو سان اٽوٽ رشتو ھو. ھن سچ جي ڳولا ۾ سڄي عمر گزاري. هن لطف شاھه جي رسالي ۾ ڌرتي واسين جي  دردن جا درمان ڳوليا، ھن جي اڳياڙي توڙي پڇاڙي سجائي گذري.

هنن چيو ته لطف عوامي جدوجھد تي يقين رکندڙ ھو. ھن کي شروعاتي سبق ڄام ساقي سيکاريا. سندس نوجوان پٽ جي شھادت تي به ھن جا حوصلا بلند ھئا، گھاريل گھڙيون ئي سجايون آھن.

سندن چوڻ هو ته لطف پيرزادو شاھه جو شارح ۽ حقيقي فقير ھو، جنھن عوامي ڀلائي جا ڪم ڪيا ۽ لطيف تي جديد تحقيق ڪئي جيل ڪاٽيا ۽ سندس نوجوان پٽ جي شھادت ٿي.

سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي ٽين ورسي تقريب

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.