گھوڙاٻاري، جمال شاهه، قاضي احمد ۽ رهڙڪي جون خبرون

گھوڙاٻاري: غلام الله جي آبادگارن جو آر 12 واٽر ڪورس تي قبضي خلاف احتجاج

جمال شاهه: شهرين پاران بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو

قاضي احمد: شهرين جو ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج

رهڙڪي: ڳوٺاڻن  پاران نالين جو گندو پاڻي قبرستان ۾ داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

01

غلام الله شهر ۾ واٽر ڪورس تي قبضي خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

غلام الله آر 12 واٽر ڪورس جي آبادگارن گل حسن درس، ابراهيم ڪانھ، غلام درس، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽو -غلام الله روڊ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بااثرن ساڪرو برانچ مان نڪرندڙ سروي واٽر ڪورس آر 12 تي قبضو ڪري ورتو آهي، ايريگيشن کاتي کي  شڪايتون ڪرڻ باوجود بااثرن خلاف ڪوبه قدم نه پيو کنيو وڃي.

هنن الزام هڻندي چيو ته بااثرن  ايريگيشن عملي جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪري واٽر ڪورس کي پڪو ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي  ڊي سي ٺٽو، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو آهي ته نوٽيس وٺي واٽر ڪورس تي قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.

02

جمال شاھ ۾ شهرين پاران بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

حيسڪو سب ڊويزن قاضي احمد پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران غلام شبير چانڊيو ۽ امداد رحيم کوسو جي اڳواڻي ۾ رڪشا چؤنڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سخت گرمي هجڻ باوجود 24 ڪلاڪن دوران رڳو 4 ڪلاڪ بجلي ڏني پئي وڃي، بجلي جي هٿرادو  لوڊشيڊنگ سبب جي ڪري مڇرن جي آزار سبب ننڍا ٻار توڙي وڏا بيمار ٿي پيا آهن، جڏھن ته ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿي رھيو آھي،

هنن حيسڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

03

قاضي احمد ۾ شهرين پاران ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شوڪت ڪالوني قاضي احمد جي رهواسين ۽ مال پڙي روڊ جي دڪاندارن پاران صحافي ڄام رفيق انڙ،  غلام رسول مغل،  منير خاصخيلي ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سڄو شھر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي،  پر مال پڙي روڊ تي ھر طرف گندگي پکڙيل آھي،  هن روڊ سان فيضان مدينا مسجد،ڪورٽ، وٽنري اسپتال، پرائمري ۽ مڊل اسڪول ۽ ٻين علائقن جي ماڻھن جو روزانو گذر ٿئي ٿو روڊ تي برساتي ۽ گٽرن جو پاڻي گڏ ٿيڻ سبب شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته روڊ تي گندو پاڻي بيهڻ سبب علائقي واسي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نوٽيس شهر ۾ صفائي عملو مقرر ڪري روڊن سميت گھٽين جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي.

04

 

رھڙڪي ڀرسان ڳوٺ نئون ڪوٽ  جي رهواسين پاران نالين جو گندو پاڻي قبرستان ۾ داخل ٿيڻ خلا احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي احتجاج سيد ظفر شاهه،. قلندر بخش گولو. نثار احمد گولو. ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊرينج سسٽم ناڪارا هجڻ ڪري نالين جو گندو پاڻي ڳوٺ جي قديمي قبرستان ۾ داخل ٿي رهيو آهي  جنهن سبب ڪيتريون ئي قبرون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن.

احتجاج ڪندڙن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ناليون ٺهرائي قبرستان کي بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.