پي ايم ڊي اي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ادارو آهي: شازيا مري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته پي ايم ڊي اي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ادارو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي خلاف صحافتي تنظيمن جي احتجاجي مظاهري ۾ اپوزيشن جماعتن ن ليگ، پ پ جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته سموريون اپوزيشن جماعتون ان بل کي رد ڪن ٿيون، پي ايم ڊي اي ذريعي حڪومت اونداهي آڻڻ چاهي ٿي، اهو ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ادارو آهي.

ان کان اڳ شاهد خاقان عباسي چيو ته ميڊيا ورڪرن سان گڏ آهيون، سڄي دنيا ۾ صحافت ڏينهون ڏينهن آزاد ٿيندي پئي وڃي ۽ پاڪستان ۾ اهڙا قانون آندا پيا وڃن، جن سان صحافت کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.