چارجنگ تي لڳل فون جو استعمال خطرناڪ، احتياط ڪهڙا ڪجن؟

 

اڄڪلهه سمارٽ فون هر هڪ ماڻهو جي ضرورت آهي ۽ شايد هر وقت ڪم ايندڙ به آهي پر ان حوالي سان انکي چارج ڪرڻ جو مسئلو به هر وقت ئي رهندو آهي.

موبائل فون کي چارج رکڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو پاڻ سان گڏ چارجر کڻي گهمندا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهو وري پاور بينڪ به استعمال ڪندا آهن جنهن جي مدد سان ضرورت پوڻ تي موبائل کي چارج ڪري پنهنجي ڪم ڪار جي حوالي سان استعمال ڪري سگهبو آهي ۽ چارجنگ دوران ئي موبائل کي استعمال به ڪيو ويندو آهي.

موبائل کي چارجنگ تي لڳائي استعمال ڪرڻ گهڻو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

پر پوءِ جيڪڏهن توهان ائين ئي ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه شين جو خيال ضرور رکڻ گهرجي.

  1. موبائل چارجنگ تي رکي استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان دوران موبائل جو سڀ ايپليڪيشن بند رکو، رڳو اها ايپليڪيشن کليل هجي جيڪا توهان استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته استعمال ڪندا هجو.
  2. موبائل جنهن وقت چارجنگ تي هجي ته ان دوران وڊيو ته ڪڏهن به نه ٺاهيو، جنهن جو سبب اهو آهي ته وڊيو ڀرڻ دوران موبائل گهڻي بيٽري استعمال ڪندو آهي ۽ اهو خدشو ظاهر ٿئي ٿو ته بيٽري ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهي ٿي جنهن سان توهان جي موبائل به ڦاٽي پوندي.
  3. جنهن وقت موبائل چارجنگ تي هجي ان دوران ڪهڙي به صورت ۾ اپ ڊيٽ نه ڪيو ڇو ته ائين ڪرڻ سان موبائل جي پروسيسر جي رفتار ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي ۽ موبائل خراب ٿي سگهي ٿو.
  4. موبائل چارجنگ تي لڳائي فون ڪال تي ڳالهائڻ کان سخت پاسو ڪيو وڃي.
  5. جيڪڏهن توهان کي چارجنگ دوران فون استعمال ڪرڻي آهي ۽ اهو تمام ضروري آهي ته توهان رڳو ميسيجن جي حد تائين انکي استعمال ڪري سگهو ٿا.

ان حوالي سان اسان اڳ ۾ به هڪ اهڙي ڄاڻ ڏئي چڪا آهيون جنهن سان بيٽري جي وڏي عمر ۽ چارجنگ جي مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته موبائل کي جلدي چارج ڪرڻ ۽ سست رفتاري سان چارج ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ چارجنگ وقت سموريون ايپليڪيشن بند ڪري پوءِ موبائل چارجنگ تي لڳايو انکان به وڌيڪ بهتر نتيجن جي لاءِ موبائل کي پاور آف ڪري پوءِ چارجنگ تي لڳائجي ته بيٽري به سٺي وقت تائين هلي سگهي ٿي ۽ موبائل به جلد چارج ڪري سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.