سنڌ جي ثقافت کاتي پاران عمر شريف جو علاج ڪرائڻ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ثقافت کاتي مشهور ڪاميڊين عمر شريف جو علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ناليواري ڪاميڊين عمر شريف لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عمر شريف اسان جو قومي اثاثو آهي، سندس بيماري جو ٻڌي افسوس ٿيو، هو جتي چاهيندو ثقافت کاتو سندس علاج ڪرائيندو.

هن وڌيڪ چيو ته ثقافت کاتو اڳ به عمر شريف سان گڏ هو ۽ هاڻ به آهي، عمر شريف پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ هو ڪاميڊي ۾ پاڻ هڪ اداري جهڙو آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان جون نيڪ خواهشون عمر شريف سان گڏ آهن، اميد ته هو جلد صحتياب ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.