استادن جون ڀرتيون، سردار شاهه وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته اسان 40 هزار جي لڳ ڀڳ ڀرتيون ڪري رهيا آهيون، اهي گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ٿيندڙ ڀرتين کان وڌيڪ هونديون.

پريس ڪانفرنس ڪندي سيد سردار شاهه چيو ته اسان استادن جي ڀرتين جو عمل بهتر نموني سان مڪمل ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، ڪوشش آهي ته ڀرتين کي شفاف رکيو وڃي.

هن چيو ته ڀرتين جو عمل مڪمل شفاف آهي، استادن جون ڀرتيون مڪمل ميرٽ تي ٿينديون، ڪنهن کي هڪ رپيو نه ڏيو، پنهنجي محنت تي يقين رکو.

سندس چوڻ هو ته تعليم کاتو يا آءِ بي اي جو ڪو ملازم ڀرتين جي شفافيت کي داغدار بڻائڻ ۾ ملوث نڪتو ته ان کي جيل موڪلي ڇڏينداسين.

واضح رهي ته تازو خواندگي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سردار شاهه چيو ته اسان لاءِ وڏا چئلينج آهن، مان اڳ به تعليم وارو وزير رهي چڪو آهيان ۽ چئلينجن جو اندازو آهي،

سندس چوڻ هو ته نجي اسڪولن جي ٻارن کي انگريزي کانسواءِ ڪجهه ناهي ايندو، کين سائنس ۽ ڪيميسٽري جي ڪا خبر ناهي، آرٽيڪل 25 تحت ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪرڻي آهي، اسان وٽ پئسي جي نه انساني وسيلن جي کوٽ آهي، سرڪاري اسڪول ان ڪري بند آهن، ڇو ته اتي استاد موجود ناهن.

تعليم واري وزير چيو هو ته استادن جي کوٽ ختم ڪنداسين ته جيئن اسڪول کولي سگهجن، جڏهن استاد اسڪول ۾ هوندا ته اسڪول بند نه ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.