ڀارت داعش جون 5 تربيتي ڪئمپون هلائي رهيو آهي: پرڏيهي ترجمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان عاصم افتخار ڀارت جو مڪروهه چهرو دنيا سامهون وائکو ڪندي چيو آهي ته ڀارت عالمي دهشتگرد تنظيم داعش جون 5 ڪئمپون هلائي رهيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب والاريل ڪشمير ۾ 8 هزار  226 اجتماعي قبرون هٿ ڪيون ويون آهن، اهي قبرون ڀارتي فوج بي ڏوهه ڪشميرين کي قتل ڪري ٺاهيون، انهن سڀني ماڻهن کي بي دردي سان ماريو ويو.

ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي فوج 239 ٽارگيٽ سيل قائم ڪيا آهن، 2014 کانپوءِ 30 هزار ماڻهن کي شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڪيميڪل هٿيار استعمال ڪيا ويا.

پرڏيهي ترجمان ٻڌايو ته ڀارتي فوج 3 هزار 800 کان وڌيڪ عورتن کي زيادتي جو نشانو بنايو، جڏهن ته برطانوي اخبار موجب والاريل ڪشمير ۾ 8 کان 10 هزار ماڻهو گم آهن، والاريل ڪشمير ۾ 2014 کان پيلٽ گنز استعمال ڪيا ويا، جن سان 15 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.

عاصم افتخار موجب والاريل ڪشمير ۾ 2014 کان هيل تائين 15 هزار 495 گهيرا ۽ سرچ آپريشن ڪيا ويا، ڀارت طرفان 13 هزار ٻارن کي قيد ڪيو ويو،  ڀارت جا 6 اهڙا ڊريڪونين قانون آهن، جيڪي ڪنهن به شخص کي دهشتگرد قرار ڏئي سگهن ٿا، جڏهن ته ڀارت داعش جون 5 تربيتي ڪئمپون به هلائي رهيو آهي، جيڪا ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.