ڪار ۾ سوار ناريءَ سان پوليس اهلڪارن جي نازيبا حرڪت

 

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي علائقي ڪينال روڊ تي جهڙتي بهاني گاڏي ۾ سوار نوجوان ۽ ناري کي روڪي ڇوڪريءَ سان نازيبا حرڪتن جي الزام ۾ 3 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڪار سوار نوجوان جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر موجب مان پنهنجي ڪزن سان گڏ شادي تقريب کان واپس گهر وڃي رهيو هيس ته رستي ۾ پوليس اهلڪار تلاشي جي بهاني گاڏي کي روڪيو.

ايف آءِ آر موجب پوليس اهلڪارن ٻن ڪلاڪن تائين بيهاري ڇڏيو ۽ هڪ پوليس منهنجي ڪزن سان نازيبا حرڪتون به ڪيون.

پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث ٽن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.