موسميات کاتي ڪراچي واسين کي خبردار ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ ايندڙ ڏينهن لاءِ موسم جو حوالو ڏيندي شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ تازو برسات کانپوءِ سخت گرمي جي لهر آهي، جڏهن ته موسميات کاتي گرمي جي لهر وڌيڪ ڪجهه ڏينهن برقرار رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 14 کان 16 سيپٽمبر دوران موسم سخت گرم رهي سگهي ٿي، ان دوران سامونڊي هوائون معطل رهنديون ۽ گرم هوائون گهلي سگهن ٿيون، جڏهن ته گرمي پد 38 کان 40 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هن وقت هوا جو گهٽ دٻاءُ راجسٿان تي موجود آهي، جڏهن ته هڪ ٻيو هوا جو گهٽ دٻاءُ نار بنگال ۾ ٺهي چڪو آهي.

موسميات کاتي موجب نار بنگال ۾ ٺهندڙ هوا جي گهٽ دٻاءَ جي شدت وڌيڪ آهي، جنهن سبب 16 کان 18 سيپٽمبر دوران شهر ۾ برسات جو به امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.