پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس لاءِ دعوت ناما جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس لاءِ دعوت ناما جاري ڪري ڇڏيا.

دعوت نامي تحت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي منجهند 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ صدر عارف علوي خطاب ڪندو.

اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان چئني صوبائي گورنرن، وڏن وزيرن، آزاد ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم، گلگت بلتستان جي گورنر ۽ وڏي وزير کي به دعوت ناما جاري ڪيا ويا آهن.

اجلاس جا دعوت ناما صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪرن کي به موڪليا ويا آهن.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف اليڪشن ڪمشنر، آڊيٽر جنرل سميت آئيني ادارن جي سربراهن ۽ وفاقي سيڪريٽرين کي به اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

اجلاس ۾ شرڪت جو دعوت نامو هٿياربند فوجن جي سربراهن، سفيرن ۽ ميڊيا نمائندن کي به جاري ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ موجب پارليامينٽ ميمبرن جي سهولت لاءِ پارليامينٽ لاجز مان پارليامينٽ هائوس تائين خاص شٽل سروس هلندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.