ڪراچي: عورت جي پولنگ اسٽيشن مان ٻه جعلي ايجنٽ گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪنٽونمينٽ بورڊز چونڊن جي پولنگ دوران اليڪشن ڪميشن عملي پولنگ اسٽيشن مان ٻه جعلي ايجنٽ پڪڙي ورتا.

ڪراچي جي ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ جي وارڊ نمبر 4 ۾ عورتن لاءِ قائم پولنگ اسٽيشن مان ٻن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ٻئي جعلي پولنگ ايجنٽ هئا ۽ انهن جو واسطو سياسي جماعتن سان ٻڌايو پيو وڃي.

ريٽرننگ آفيسر ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ سليم حسن وٽو موجب ٻئي ايجنٽ جعلي هئا ۽ بنا ڪنهن تصديقي دستاويز جي عورتن جي پولنگ اسٽيشن ۾ موجود هئا.

سندس چوڻ هو ته جعلي پولنگ ايجنٽن کي گرفتار ڪري پوليس جي تحويل ۾ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.