سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سي اين جي اسٽيشنون 4 ڏينهن لاءِ بند

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سي اين جي اسٽيشنون 4 ڏينهن لاءِ بند ڪيون ويون آهن.

سوئي سدرن گئس ڪمپني سنڌ ۽ بلوچستان جي سي اين جي اسٽيشنز کي سومر 13 کان خميس 16 سيپٽمبر تائين گئس فراهمي بند رکڻ جوا علان ڪيو آهي.

ايس ايس جي سي ترجمان موجب اينگرو ٽرمينل تي ايف ايس آر يو جي تبديلي سبب 13 کان 16 سيپٽمبر جي وچ ۾ ڊرائي ڊاڪنگ سبب سسٽم ۾ آر ايل اين جي ۾ 150 کان 75 ايم ايم سي ايف ڊي گهٽتائي ايندي ۽ گهٽ پريشر سبب سوئي سدرن جي گهريلو واهپيدارن ۽ ڪمرشل سيڪٽر جي گهرج پوري ڪرڻ ۾ انتهائي ڏکيائي ٿيندي، تنهن ڪري واهپيدارن جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سموريون سي اين جي اسٽيشنون 4 ڏينهن لاءِ بند رهنديون.

ترجمان جو چوڻ هو ته سي اين جي اسٽيشنز کي گئس جي فراهمي آچر جي رات 12 وڳي کان بند ٿيندي ۽ سڀني اسٽيشنز کي جمعي ڏينهن پهچ بحال ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.