احتساب عدالت آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن جي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري تي فرد جرم جي تاريخ لاڳو ڪري ڇڏي.

عدالت شڪي ٽرانزيڪيشن ڪيس ۾ آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ 29 سيپٽمبر تي مقرر ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳوڻي صدر کي طلب به ڪري ورتو آهي.

عدالت آصف زرداري جي مبينا فرنٽ مين مشتاق احمد کي اشتهاري قرار ڏيندي ڪيس الڳ ڪري ڇڏيو آهي.

مشتاق احمد کي احتساب عدالت اشتهار ذريعي طلب ڪيو هو، 9 سيپٽمبر تي جوابدار کي پيش ٿيڻ جي آخري مهلت ڏني وئي هئي پر هو پيش نه ٿيو.

عدالت مشتاق احمد جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

احتساب عدالت گذريل ٻڌڻي جي تحريري حڪم نامي ۾ فرد جرم جي تاريخ مقرر ڪئي آهي.

واضح رهي ته آصف زرداري 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ ضمانت تي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.