حيدرآباد ۾گهر تي قبضو، سامان ٻاهر اڇلايو ويو، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) لطيف آباد نمبر 2 جي رهواسي محمد نديم پنهنجي زال عذرا خاتون ۽ معصوم پٽ احمد سان گڏجي گهر تي ٿيل قبضي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي الزام هنيو ته 2 ڏينهن اڳ ڪجهه علائقي واسين، حسين  آباد ٿاڻي جي پوليس جا اهلڪار ساڻ ڪري اسان جي گهر تي حملو ڪري تشدد ڪرڻ بعد گهر ۾ پيل سمورو سامان گهر ٻاهران اڇلائي گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي، جيڪو اسان مسڪينن سان وڏو ظلم آهي، جڏهن ته هو بااثر آهن، حسين آباد پوليس جي کين مڪمل حمايت حاصل آهي. هن چيو ته سندس گهر جي مالڪي جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۽ سول ڪورٽ حيدرآباد ۾ هلي رهيو آهي، پر بااثر ماڻهن ۽ پوليس ساڻن وڏي ناجائزي ڪئي آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.