مقصودي لڳ ڳوٺاڻي کان ڦر، مزاحمت تي مرڻينگ

مقصودو رند(ن ع آ) مقصودو رند واسي ڳوٺاڻي کان شهدادپور نوابشاھ روڊ تي بھادر ڪلوئي اسٽاپ وٽ ٽي نامعلوم ھٿياربند موٽر سائيڪل  ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا مزاحمت تي ڳوٺاڻو زخمي خبر موجب شهدادپور ٿاڻي جي حد شهداد پور نوابشاھ روڊ تي بھادر ڪلوئي اسٽاپ وٽ مقصودو رند جي ڳوٺ سھجو رند جو  رهواسي ڳوٺاڻو مھر علي رند شهدادپور کان مقصودو رند طرف اچي رھيو ھو تہ ٽن نامعلوم ھٿياربندن کيس روڪي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد سي.ڊي موٽر سائيڪل 2021 ۽ 4 ھزار ڪيش رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا زخمي نوجوان کي سمس اسپتال شهدادپور منتقل ڪيو ويو  جڏھن تہ ڦر جو اطلاع شهدادپور پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي واضع رهي ته شهداد پور ٿاڻي جي حد ۾ چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن جڏهن ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.