ماٿيلي ۾ 2 ڦر وارداتون، بدامني خلاف شٽر بند هڙتال، ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (ت ر) ميرپورماٿيلو شھر ويجھو نيشنل ھاءِ وي تان 2 ڌار ڌار ڦر جون وارداتو سيد پور اڏي ويجھو نيشنل ھاء وي تي موٽرسائيڪل سوار ڦورن جروار جي رھواسي موٽرسائيڪل سوار واپاري سنگيت ڪمار  کان سوني منڊي,موبائل فون ۽ روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار نوجوان شھري جو پوليس ٿاڻي آڏو احتجاج، جڏھن تہ ڄاڻايل واردات کان ٿوري دير بعد ميرپورماٿيلو ۾ کير ۽ ڏھي وڪرو ڪندڙ دوڪاندار وشال ڪمار کان ڳوٺ نباھو مھر لڳ نيشنل ھاء وي تان موٽرسائيڪل سوار ڦورو روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻي پاسي  ميرپور ماٿيلو ۾ بدامني خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن، جسقم، جسم، جسقم آريسر ايس يو پي طرفان،شٽر بند هڙتال ڪري پريس ڪلب کان گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هڻي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي مکي ڊاڪٽر نند لعل، ڊاڪٽر رميش، دليپ ڪمار مانڌاڻ، ڪامريڊ ڪڪو رام، جسقم ضلع اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري، جسم اڳواڻ ڪمال مھر، جي يو آئي ضلعي امير مولوي اسحاق لغاري، ايس يو پي اڳواڻ اڪرم ميتلو ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڏينهون ڏينهن ھندن سان ظلم آهي شھر ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي پر ھاڻي ظلم جي انتها آهي.  ھندو برادري سميت شهري ڏينهن جو گھرن ۾ محفوظ ناهن، اسان ڪاڏي وڃون ڪنهن در دانهن ڏيون آخر اسان سان ايترو ظلم ناانصافي ڇو آهي. هنن چيو ته اسين مطالبو ڪيون ٿا آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر کان ته ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ۽ ايس ايڇ او طاهر محمد قادري کي ھٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ بنادير جي ڦورو گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪري اسان مان مايوس ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.