”شهيد مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل پڪڙيو“ پ پ ش ڀ جا احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) مرڪز پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سندس ڪيس هلائڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾حيدرآباد  پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ضلعي اڳواڻن ايڊووڪيٽ پيرل مجيداڻو، وزير کوکر، جمال سوهو، رجب جتوئي، ياسين جتوئي، سرفراز شاهاڻي، نجاوت مغيري، گل خاصخيلي، حمزو گوپانگ، حاجي فياض ميمڻ، فياض سوهو، نواز سوهو، علي سوهو، سهيل قريشي، وقار سوهو، گلشير ڪاڪا، معظم قريشي، عمران شاهه سميت سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. هنن چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو عوامي ليڊر هو، جنهن کي رستي تي شهيد ڪرائي عوام کان سندن سچو ليڊر کسي يتيم ڪيو ويو. هنن چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کي 25 سال گذرڻ باوجود انصاف نٿو ڏنو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس ڪيس هلائي قاتلن کي ڦاهي ڏني وڃي. ڪارڪنن تلهار، ميرپور ماٿيلو، ڏوڪري، محرابپور، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.