پکي لڳ هاءِ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا

پکو (ن ع آ) پکو لڳ ديدڙ ھاءِ اسڪول جي ڇت اوچتو ڌماڪي سان ڊھي پئي استاد ۽ شاگرد معجزاڻي طور بچي ويا اسڪول ۾ حراس ڇانئجي  ويو ان ڏس ۾ ديدڙ ھاء اسڪول ۾ ھلندڙ ڪلاسن دوران ھيڊ ماستر جي آفيس جي ڇت زبون حالي سبب سيمينٽ جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا جنھن سان آفيس اندر پيل ڪرسيون ۽ ڪمپيوٽر ڀڄي پيا جڏھن ته استاد ڪلاسن ۾ ھجڻ ڪري محفوظ رھيا ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪرڻ ڪري استادن ۽ شاگردن ۾ حراس ڇانئجي ويو ۽ شاگرد خوف کان ڪلاسن کان ٻاھر نڪري آيا اھڙي طرح ھيڊ ماستر سميت استاد اسڪول جو ڪاروھنوار اس تي ويھي ھلائڻ لڳا ان سلسلي ۾ ھيڊ ماستر غلام اڪبر ميڪڻ ٻڌايو ته اسڪول ۾ معمول موجب پڙھائي ٿي رھي ھئي ته استادن جي ويھڻ واري آفيس جي ڇت مان سيمينٽ جا وڏا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا پر استاد حضرات ڪلاسن ۾ ھُجڻ ڪري وڏي جاني نقصان کان بچي ويا جڏھن ته آفيس جي ڇت اڳ ئي زبون حال بڻيل ھُئي جنھن جي ڪرڻ جو خدشو برقرار ھو جيڪا اڄ ڊھي پئي آھي جنھن سان آفيس اندر پيل ڪرسين ۽ ڪميوٽر سميت ٻئي قيمتي سامان کي سخت نقصان پھتو آھي ھُن چيو ته اسان آفيس جي ڇت جي زبون حالي جون شڪايتون اعلي’ اختيارين تائين پھچايون آھن پر ھن وقت تائين اسڪول جي آفيس جي ڇت مرمت نٿي سگھي آھي . ھاڻ ته اھڙي صورتحال ۾ استاد آفيس ۾ ويھي نٿا سگھن ۽ اسڪول جو ڪاروھنوار ٻاھر ويھي وڻن ھيٺان ھلائي رھيا آھيون ۽ شاگردن ۾ پڻ خوف ڇانيل آھي ٻي طرف استادن ۽ شاگردن تعليم کاتي جي ذميوار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زبون حال آفيس جي ڇت کي نئين سر تعمير ڪري استادن مان ڀيچيني ختم ڪئي وڃي جيئن اسڪول جو تدريسي عمل بھتر نموني ھلي سگھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.