افروز جوڻيجو قتل معاملو، لاڙڪاڻو ۾ عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باڊهه ۾ قتل ٿي ويل عورت افروز جوڻيجو وارو معاملو، ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار جي وارث عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي انصاف  لاءِ احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري اسان جي مردن مٿان داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن، احتجاج بعد عورتن جي ايس ايس پي ۽ ايس پي هيڊڪوارٽر کي دانهن، ايس ايس پي ۽ ايس پي هيڊڪوارٽر طرفان عورتن کي ناانصافي نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي ۾ باڊهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ دڙا ۾ چار ڏينهن ڏينهن اڳ قتل ٿيل شادي شده عورت افروز جوڻيجو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي عورتن پاران پاڪ ڪتاب کڻي باڊهه پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت تسليم خاتون جوڻيجو پنهنجي ڌيئرن شازيه، صنم، ڀيڻ شميم خاتون ۽ ڀاڄائي حفيظان جوڻيجو سان گڏجي الزام لڳايو ته ٽي مهينا اڳ منهنجي ماسترياڻي ڌيءُ فوزيه ۽ هيڊ ماسترياڻي ماروٽ مصرت وچ ۾ هيڊ ماستري جي معاملي تان منهن ماري ٿي جنهن تي مصرت تعليم کاتي جي عملدارن سميت پنهنجي مڙس امتياز جوڻيجو کي شڪايت ڪئي ان تي امتياز جوڻيجو مهينو اڳ منهنجي ڀاءُ بشير مٿان چوري جو الزام لڳايو ۽ چار ڏينهن افروز کي سندس افروز جي ڀاءُ امتياز ۽ ماروٽ صدام جوڻيجو کيس گوليون هڻي قتل ڪري ان جو الزام منهنجي پٽن صدام، ذاڪر حسين، ڀائرن بشير، نظير ۽ شمن جوڻيجو مٿان لڳائي حد جي باڊهه ٿاڻي تي افروز جي ماروٽ شاهنواز جوڻيجو جي فرياد تي ايف آءَ آر داخل ڪرائي وئي جنهن قتل سان اسان جي مردن جو ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته امتياز جوڻيجو پنهنجي گهر واري جي مصرت جي چرچ تي منهنجي پٽن سميت ڀائرن کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي ظلم ڪيو آهي جنهن جي آڙ ۾ باڊهه ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪالهه اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري چنگچي رڪشو ڪاهڻ بعد اڄ صبح جو گهر مان ٻه ڳئون کڻي گهر ڊاهڻ جي ڌمڪي ڏني جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته قتل ٿي ويل عورت افروز جوڻيجو واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي پٽن ۽ ڀائرن مٿان داخل ڪيس ختم ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن عورتن پاڪ ڪتاب کڻي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس بعد واپس وڃڻ دوران ايس ايس پي عمران قريشي ۽ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته مقتولا عورت جي قتل سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي هڪ سازش تحت اسان جي مردن جا نالا ايف آءِ آر ۾ داخل ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي. خدارا معاملي جي شفاف جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. جنهن تي ايس ايس پي عمران قريشي ۽ ايس پي هيڊڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ جوابدار ڌر جي وارثن کي چيو ته اوهان پنهنجي ڪنهن مرد کي موڪليو ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گهرجي ته هو پاڻ پوليس آڏو پيش ٿين ان سڄي واقعي جي شفاف جاچ ڪئي ويندي جيڪڏهن ان ۾ اوهان جا مرد بيگناهه ثابت ٿيا ته انهن خلاف ڪاروائي نه ٿيندي جيڪڏهن انهن ڏوهه ڪيو آهي ته قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي. اهڙي خاطري بعد ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جون وارث عورتون باڊهه رواني ٿي ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.