ليلا جي آتڻ تي قبضي خلاف سڄاڻ ڌريون سراپا احتجاج، ڪوٽڏيجي ۾ريلي

ڪوٽڏيجي (رپورٽ : ثناءُ الله بگٽي ) سنڌ آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جي پليٽ فارم تان لاڙ سميت سموري سنڌ جي تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن تي قبضا مافيا جي  قبضن خلاف آرڪيالاجي شعبي جي شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نوجوانن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شهر کان ٿيندي ڪوٽڏيجي جي تاريخي قلعي جي گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي  ريلي کي سنڌ آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جي چيئرمين ۽ آرڪيالاجي ايم۔فل اسڪالر اعزاز علي پيرزادو  سنڌ جي قديمي ماڳن تي قبضن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ پاسي سموري دنيا پنهنجي تاريخي تشخص جي بقا خاطر جدوجهد پئي ڪري ۽ سنڌ جي شاهوڪار تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن کي هٿ وٺي مسمار ڪيو پيو وڃي  اسان گذريل ٻن سالن کان سنڌ جي قديمي ماڳن جي بقا جو آواز احتجاج ذريعي روڊن تي کڻي آيا آهيون پر نوادرات کاتي سميت سمورا ادارا لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن نتيجي ۾ تازو ئي لاڙ ۾ چار تاريخي ماڳن ڏيوري، ڪورياڻي جو دڙو، جهالار ۽ ماڙي وسايو جا آثار کي ميساريو ويو آهي ۽ ان کان اڳ لاکن جو دڙو ۽ ليلان جا آتڻ سميت انيڪ قديمي ماڳن تي قبضا ڪري تاريخي اثاثن کي نقصان ڏنو ويو آهي ماڳن جي بقا لاءِ هيڏو وڏو ادارو جوڙيل آهي پر پوء به ڪي ماڳ زرعي زمينن ۾ تبديل ڪيا پيا وڃن ته ڪي وري ڪيترن ئي ماڳن کي ڪمرشل سوسائٽين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.   هن وڌيڪ چيو ته تازو حيدرآباد جو تاريخي قلعي جي مرمت  چند پئسن عيوض اناڙي ٺيڪيدار کي ڏنو ويو جنهن قلعي جي گيٽ کي وڏو نقصان پهچايو آهي نوادرات کاتي ۽ آرڪيالاجي کاتي جي اعلي عملدار کي گهرجي ته انڪوائري ڪرائي انهن خلاف ڪارروائي ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي ريلي کي سماجي اڳواڻ طاهر علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا قديمي ماڳ لاوارثي جو شڪار آهن جن تي ڪافي وقت کان قبضا مافيا جا قبضا جاري آهن جن جي مذمت ڪيون ٿا ۽ نوادرات کاتي سنڌ  کي  قديمي ماڳن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جوڳا اپاء وٺڻ گهرجن  سماجي اڳواڻ صدا شر چيو ته سنڌ جي شاهوڪار تاريخ تي مسلسل قبضا مافيا جا وار جاري آهن جيڪي قابل قبول نه آهن قديمي ماڳن جي تان جلد کان جلد قبضا ختم ڪرائي ماڳن کي محفوظ بڻايو وڃي ريلي کي خطاب ڪندي سنڌ آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري ايم۔فل اسڪالر قائد اعظم يونيورسٽي مهر علي شر چيو ته سنڌ جي تاريخ ھزارين سال نه ڪروڙين سالن جي آھي جنھن جنھن جا سائنسي ثبوت ھر ھنڌ موجود آھن آثارن ۽ پنڊ پھڻن جي صورت ۾ جيڪي وقتن بوقتن انساني توڻي قدرتي چرپر جي ڪري تباھ ٿيندا رھيا آھن, جديد دنيا اڄ جٿي دنيا جا سڌريل ملڪ پنھنجي تاريخي لاء حساس آھن اتي اسان جا ماڻھو وري ماڳن کي نقصان پھچائڻ لا اڳرا آھين دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اھو قانون آھي  ته ڪائي به نئين ڪنسٽريڪشن ٿيندي آھي انھن کي اتان جي آرڪيالاجي کاتي کان تصديق ڪرائڻي پوندي آھي ته ھتي ڪوبه آثار ناھي اسين سنڌ آرڪيالوجيڪل سوسائٽي جي پليٽفارم تان عام ماڻھن کي اھو پيغام ٿا ڏيون ته ھر شاھوڪار قوم کي پنھجي شاھوڪار تھذيبي تاريخ ھوندي آھي ۽ سنڌ به ان قوم جي لسٽ م ٽاپ تي آھي اسان سڀني گڏجي پنھنجي اثارن کي محفوظ ڪرڻو پوندو ۽ پنھنجي شناخت برقرا رکڻي پوندي ۽ حڪومت کان به گھر ٿا ڪيون ته ھو ھر قبضا مافيا جي چنبن مان ماڳن کي آزاد ڪرائي ۽ ادارن کي به پنهنجي ذميواري سنڀالڻ گهرجي ۽ قديمي ماڳن تان قبضا ختم ڪرائي تاريخي ماڳ محفوظ ڪيا وڃن ته جيئن هزارين سالن کان موجود هي قديمي ماڳ ايندڙ نسلن تائين پهچايا وڃن اها اسان جي تاريخي ذميواري پڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.