لاڙڪاڻي ضلعي مان ڏوهارين جو خاتمو ڪيو ويندو: ايس ايس پي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي چيو آهي ته لاڙڪاڻو پوليس ضلعي جي 8 هزار ڏوهارين مان 2 هزار ڏوهارين  کي پنجن مهينن دوران گرفتار ڪيو آهي، ڪٿي به ڏوهن جو سئو سيڪڙو خاتمو ناهي ٿيندو ۽ ڏوهن جي خاتمي جو ڪو به آفيسر گارنٽي ڏئي نه ٿو سگهي، لاڙڪاڻو پوليس سواءِ ٻن ڪيسن جي ٻين سمورن ڪيسن جي شفاف جاچ ڪري نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ڪيترن ئي بلائينڊ ڪيسن کي حل ڪري گرفتاريون ڪيون آهن پر اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي لاڙڪاڻو پوليس خلاف پروپگينڊه جاري آهي جنهن تي مون کي افسوس ٿو ٿئي. لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته منهنجي لاڙڪاڻي ۾ پوسٽنگ کي پنج مهينا ٿيا آهن مون پهرين ڏينهن ضلعي جي سمورن پوليس آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪيون ته ڏوهارين توڙي انهن جي پشت پناهي ڪندڙن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪئي وڃي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو پوليس ڪيترن ئي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.