احمد پور لڳ نينگر سان مبينابدفعلي، وارثن جوا حتجاج

احمدپور (ن ع آ) احمدپور ويجهو وڏا مهيسر  جي ڳوٺ محمد ڇٽل ميتلو ۾ مبينا وحشي جوابدار پاران 12 سالا نينگر شڪيل پٽ  شهزادو ميتلو تي تشدد ڪري ڏاڍائي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته نينگر جي وارثن وڏا مهيسر ٿاڻي تي نينگر تي تشدد ڪري ڏاڏائي ڪرڻ جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي ۽ نينگر کي پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ملوث جوابدار امير علي ميتلو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي نينگر جي چاچي مجاهد ميتلو ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار ڳوٺ ڀرسان نينگر کي گهلي جوئر جي فصل ۾ کڻي وڃي تشدد ڪري زبردستي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي ان سلسلي ۾ وڏا مهيسر پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جي وارثن جي شڪايت تي جوابدار کي گرفتار ڪري نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي . وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.