لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ اهلڪار جي رشوت وٺندي ويڊيو وائرل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ اهلڪار جي رشوت وٺندي ويڊيو وائرل ٿي وئي جنهن جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو توڙي لاڳاپيل اختيارين نوٽيس ناهي ورتو. وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ٽريفڪ اهلڪار رشوت وٺندي ڏسي سگهجي ٿو. ويڊيو ۾ اهلڪار چئي رهيو آهي ته مان نوڪر آهيان ٻارن جو. هوڏانهن اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ باوجود لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي عمران قريشي سميت لاڳاپيل اختيارين نوٽيس ناهي ورتو. سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته رشوت وٺندڙ ٽريفڪ اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڏيکاريندڙ ٽريفڪ اهلڪار نئون ديرو باءِ پاس کان جيلس بازار ۽ گجڻ پور چوڪ تائين گاڏين جي ڊرائيور ۽ واپارين کان رشوت وٺندو رهيو آهي.

نواب ولي محمد لڳ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگريون فوت

نواب ولي محمد (ن ع آ) نواب ولي محمد لڳ ڪريم آباد ۾ 7سالا عليشا ڌي رحمت فوت جڏهن ته سورھ سالا سوفيآ ڌي محمد   اشرف  نائي   فوت  ھڪ سعيد احمد نائي زخمي ٻڌايو پيو وڃي گھر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻئي ڇوڪريو موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سعيد احمد زخمي ٿي پيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.