اڏيري لال ڀرسان گڏهه گاڏي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

اوڏيرولال اسٽيشن (ن ع آ) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ سوئي گيس وٽ گڏهه گاڏي ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾  موٽر سائيڪل سوار جنيد ڪنڀار ۽ رضوان ڪنڀار سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن آندو ويو جتان رضوان جي حالت گڻتي جوڳي هجڻ ڪري تعلقه اسپتال مٽياري منتقل ڪيو ٻئي پاسي زخمي جنيد ڪنڀار ٻڌايو ته روڊ تي گيس جي پائپ لڳائڻ کان پوءِ مرمت نه ٿيڻ سبب روڊ جو ڪافي حصو خراب ٿي ويو آهي جنهن سبب حادثو پيش آهيو.

اڏيري لال اسٽيشن ڀرسان هٿياربند همراهه کان موٽرسائيڪل ڦري فرار

اوڏيرولال اسٽيشن (ن ع آ ) اوڏيرولال وليج ٿاڻي جي حد شيش محل هوٽل ڀرسان تانيال ڪرشچند کان نامعلوم ڦورو  ايڪسپريس موٽرسائيڪل ماڊل 2021 ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرڻ جي باوجود پوليس اڳهور ننڍ ستل رهي.

گهوٽڪي پوليس جون ڪارروايون، ڏوهاري گرفتار، هٿيار هٿ

گهوٽڪي(ڊ ر ) ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي خصوصي هدايتن تي سڄي ضلعي  ۾ سماجي براين ڏوهارين خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو ،جڏهن ته پوري ضلعي مان اشتهاري ۽ ٻين ڏوهن ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن وٽان هٿيار، منشيات ،موٽر سائيڪلون موبائل فون،مال ،روڪ رقم ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو ويو ،تفصيل مطابق ٿاڻو ڪچو  ٻنڊي پوليس ٻٽي قتل ۾ مکيه جوابدار امان الله لولائي کي بغير لائسنس بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو ،اوٻاوڙو ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ جي دوران افغانستان کان ايندڙ شهري ٻه مرد ،ٽي عورتون ۽ 6 ٻارن سميت پاسپورٽ نه رکڻ جي صورت ۾ گرفتار ڪري ورتو ،ميرپور ماٿيلي جو پوليس فحاشي اڏي تي ڇاپو هڻي هڪ مرد سميت 5 عورتن کي گرفتار ڪري ورتو.اي سيڪشن ٿا ڻي گهوٽڪي پوليس جي پوليس فحاشي اڏي تي ڇاپو هڻي ٻن مردن سميت ٻن عورتن کي گرفتار ڪيو ، ٿاڻي ڏهرڪي جي پوليس هڪ جوابدار فراز پتافي کي 500 گرام چرس ۽ روڪ رقم سميت گرفتار ڪري ورتو ،جڏهن ته سرحد پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار رضا محمد شيخ کي 300 گرام چرس  ۽ روڪ رقم سميت گرفتار ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.