محرابپور ۾نينگر جي گمشدگي خلاف وارث سراپا احتجاج، ٽائر ساڙي ڌرڻو

محرابپور (رپورٽ : ضمير ميمڻ ) محرابپور ۾ ٽي مھينا اڳ وارڊ نمبر 11 مان پراسرار نموني گم ٿي ويل 14 سالن جو نينگر محمد علي موجائي ٽي مھينا گذرڻ جي باوجود ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگھيو اھي  سندس پي احمد علي موجائي   مير محمد   وحيد علي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي محرابپور ٺري روڊ بلا ڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي نينگر جي پي احمد علي موجائي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٽن مھينن کان اسان نينگر جي ڳولا ڪريون پيا پر ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگھيو اھي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ داھنيوسين پر ڪابه مدد نه ٿي ڪئي وڃي ھنن چيو اسان پاڪ ڪتاب به گھمايو اھي پر اڃا تائين ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگھيو اھي ھنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ آحتجاجن نيشنل ھاء وي بلاڪ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.