لکي غلام شاهه ويجهو ٻني مان همراهه جو لاش هٿ

لکي غلام شاھ (ت ر) لکي غلام شاھ لڳ جهان خان ٿاڻي جي حد مان سکر شڪارپور قومي شاھراه روڊ جي سائيڊ سان ٻنيءَ ۾ پيل 55 ورھين جي پيرسن شخص جو لاش ھٿ ڳوٺاڻن جي اطلاع تي جهان خان پوليس واقعي هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال لکي غلام شاھ منتقل ڪيو ويو جتي نامعلوم  پيرسن شخص جو لاش پوسٽ مارٽم ڪيو ويو رابطي ڪرڻ تي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر نريش  ڪمار ٻڌايو ته لاش ٻن ڏينهن جو پراڻو آھي ڌڪ جا نشان به نه آھن، ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي جهان خان پوليس چيو ته ڊاڪٽر مطابق لاش پراڻو ھجڻ ڪري سرد خاني ۾ رکڻ جھيڙو نه آھي ھن کي ايڌيھي سينٽر حوالي ڪيو ويندو جن کي لاوارث طور قبرستان ۾ 40 ڏينهن تائين امانت طور دفن ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.