ٽنڊي الهيار لڳ مزدا اونڌي، هڪ ڄڻو فوت

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) ٽنڊوالهيار ويجهو موٽرسائيڪل کي بچائيندي ڪيلي سان ڀريل مزدا ڪلٽي مزدا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ، هڪ  ڄڻو زخمي خبر موجب ٽنڊوالهيار ويجهو ڪيلي سان ڀريل مزدا ڪلٽي ٿي پئي ڪيلي سان ڀريل مزدا ٽنڊوآدم کان ٽنڊوالهيار اچي رهي هئي ته جمع خان اسٽاپ وٽ ڪلٽي ٿي پئي مزدا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽنڊوالهيار شهر جي مير جي ڳوٺ پاڙي واسي 40 سالا قربان خاصخيلي ٿڏي تي ڌم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته هڪ ڄڻو خواجه ڳوٺ جو رهواسي نويد خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو عمرساند پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي قربان خاصخيلي ۽ زخمي نويد خاصخيلي کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار پهچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.