ڀرياسٽي ۾نوجوان شاخ ۾وهنجندي ٻڏي فوت

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي جي وارڊ  نمبر  2 منگي محله   واسي 15 ورهين  جو نوجوان  دانش چوهاڻ  پٽ ذوالفقار چوھان دوستن سان وھنجڻ لاء  روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ  ڀريا سٽي  ڊسٽري جي ريگيوليٽر  تي ويو ھو نينگر وھجندي ٻڏي ويو  اطلاع تي وارثن شهرين   پاران  ٻڏي  ويل  نوجوان  جي ڳولا ڪئي وئي، ٻن ڪلاڪن جي ڳولا بعد نوجوان ڪجهه  مفاصلي تان بي ھوشي واري حالت ۾ ھٿ  ٿيو ۔جنهن  کي فورن چنگچي  رڪشا ۾  ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان  جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي  وئي اسپتال مان  ڪاغذي  ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو     نوجوان لاش گهر  پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، چيو پيو وڃي  ته نوجوان  نائين ڪلاس جو شاگرد هئو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.