گهوٽڪي جي مهر سردارن جي ٺاهه لاءِ ڪوششون

خانپورمهر (ت ر) وزير اعلي سنڌ جي خاص معاون مير بنگل خان مهر جي 5 نومبر تي ٿيندڙ شادي تقريب جا ڏينهن جيئن جيئن ويجهو اچي رهيا  آهن تيئن ئي خانڳڙھ جي ٻن حصن ۾ ورهايل مهر سردارن کي هڪ ڪرڻ لاء ڪوششون شروع ٿي ويون آهن، مهر سردارن پي پي ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر ،جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر ،پي پي ايم پي اي سردار علي نواز عرف راجا خان مهر ،مير بنگل خان مهر کي هڪ ڪرڻ لاء ۽ سندن هڪ ٻئي سان ٺاھ ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون آهن مهر برادري جي ڪجهه معزز ماڻهن، مهر سردارن جي ويجهن دوستن ۽ عزيزن پاران مهر ڀائرن کي هڪ ڪرڻ لاء اهڙيون ڪوششون شروع ڪيون آهن ان کان علاوه مشهور شاعر مهر ڊٻائي سميت مهر قبيلي جي ماڻهن جي هڪ وڏي انگ سوشل ميڊيا تي به اهڙو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته اسان کي ورهايل خانڳڙھ قبول ناهي ،مهر سردارن کي هڪ ٿيڻ گهرجي.. واضع رهي ته 5 نومبر تي پي پي ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جي ننڍي ڀاء ڀنگل خان مهر جي شادي رسم رٿيل آهي ان کان اڳ مهر قبيلي جي ماڻهن اهڙو مطالبو شروع ڪيو آهي ته مهر سردارن کي هڪ ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.