سماجي مسئلا طبقاتي جدوجهد سان سلهاڙيل آهن:امداد قاضي

سکر (رپورٽر) اسان جا سمورا قومي سياسي  ۽ سماجي مسئلا طبقاتي جدوجھد سان لاڳاپيل آھن ـ سڀ کان اڳ سرمائيدارن وڏيرن پيرن ميرن کان نجات حاصل ڪرڻ جي جدوجھد ڪريون ۽ بعد ۾ مليل ڪاميابي جي بنياد تي  بقايا جدوجھد بغير ڪنھن رنگ نسل قوم ۽ جنس جي ڪنداسين ته  موجودھ فرسودھ ۽ انسان دشمن سسٽم جو خاتمو ممڪن ٿيندو ـ  اھو ئي مولا بخش خاصخيلي جو مشن ۽ رستو آھي ـ اھڙو اظھار ڪيمونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري  جنرل ڪامريڊ امداد قاضيء  سکر جي قريشي ڳوٺ ۾ مولا بخش خاصخيلي جي ورسي ۾ صدارتي خطاب ۾ ڪئي ـ ھن چيو ته اسان جي حڪمرانن  عالمي سامراج جي سھولت ڪاري ڪندي افغانستان  ۾ جيڪا تبديلي آندي  آھي اھا خود افغان عوام جي مفادن وٺان ناھي ـ سنڌين سميت ملڪ جي سمورين مظلوم قومن جو جبري استحصال جاري آھي ـ جرنيلن ڪرپٽ بيوروڪريٽس ۽ مفاد پرست سياستدانن اسان جي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي چڏيو آھي ـ مولا بخش خاصخيليء چي مشن ۽ ٻاريل شمع کي کڻي ھڪ متوازن ۽ عوام دوست سسٽم جي حاصلات جا خواھشمند آھيون ـ ان لاء سڀني پورھيت ڌرين کي ھڪ ھنڌ گڏ ٿيڻو پوندو ـ پاڪيٽ يونيز سبب پورھيتن سان ناانصافيون جاري آھن ـ ملڪ جون سموريون سياسي ڌريون پنھنجي ليبر ونگس کي سرگرم ڪري مربوط جدوجھد ڪن ـ ان موقعي تي ھاري ۽ پورھيت اڳواڻن مير منور ٽالپر گلشير شر ڪامريڊ ڊامرو مل ڪامريڊ اقبال سيد قطب شاھ زاھد شاھ ممتاز منگي علي مردان شيخ يامين ميراڻي ستار گھوٽي حڀيب منگي پناھ مھر مالڪ کوسي غلام رسول گھنيو عرض منگي ڪريم داد بگٽي امير علي شيخ دريا خان ڀيو اشفاق خاصخيلي ضياء ڀٽي سارنگ چانڊئي خادم کوسي ۽ ٻين مولا بخش خاصخيليء جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي روشني وجھي کيس خراج پيش ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.