پ پ بيروزگارن کي روزگار ڏئي رهي آهي:اڪرام ڌاريجو

پنوعاقل (ت ر)صوبائي وزير ڄام اڪرام اللھ خان ڌاريجو پنوعاقل پنھنجي چونڊ تڪ پھچي پارٽي اڳواڻن سان گڏ مختلف ھنڌن تي تعزيتون  تباپورسيون ڪرڻ بعد پ پ پ اڳواڻ رفيق احمد سومرو جي چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي ۽ سئينير اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري مسئلا ٻڌا،ڪوآپريٽوسوسائيٽي جي منسٽر ڄام اڪرام اللھ خان ڌاريجو پارٽي اڳواڻن عبدالرزاق(عرف)وڪيل خان ڌاريجو،ميان عبدالقوي انڍڙ،شبير شيخ،غلام قادر شيخ،حافظ عزيز اللھ ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي  پنوعاقل شھر ۾ سئينير صحافي مجيب ورند سان والد جي وفات تي تعزيت ڪئي،جڏھن ته صحافي سجاول سومرو جي والده جي وفات تي ڏک جو اظھار ڪيو،مشھور سماجي اڳواڻ رفيق احمد ڪلھوڙو جي وفات تي سندس وارثن سان دعاگھري،ڊاڪٽر امان اللھ مھيسر جي ڌيءَ جي وفات تي ھمدردي جو اظھار ڪيو،انڍڙ ڪالوني ۾ تعزيت ڪئي،پوليس آفيسر نور احمد چنو وٽ پھچي تعزيت ڪرڻ بعد پ پ پ اڳواڻ رفيق احمد سومرو وٽ ايم ايڇ سومرو لائيبرري تي پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات ڪري مسئلا ٻڌا،ان وقت ڄام اڪرام اللھ خان ڌاريجو ميڊيا ۽ ڪارڪنن سان ڳالھائيندي چيو ته پيپلز پارٽي ھميشه بي روزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏئي روزگار ڏنو آھي ۽ ھاڻي به جلد نوجوانن کي نوڪريون ڏنيو وينديون ۽ ترقياتي ڪم شروع ڪرايا آھن،بنا فرق جي پنھنجي چونڊ تڪ سميت پنوعاقل جي عوام ۽ سنڌ جي خدمت جاري رھندي،ھن سان گڏ ايس ايڇ او پنوعاقل الھوڌايو پتافي، حفيظ ڪلھوڙو،دين محمد ڪورائي،عبدالحق انڍڙ،ميان نعيم اللھ ڌاريجو،ضمير جلالي،انعام سومرو ۽ ٻيا ھئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.