ٽنڊي الهيار ۾ قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر) ڪجهه ڏينهن اڳ مسڻ ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيندڙ مصطفي آرائين جي قتل جو ڪيس ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي  ڀاء منظور آرائين جي فرياد تي داخل ۔ پوليس ايف آئي آر ڄاڻايل هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو ۔ انجمن آرائيان پاڪستان سنڌ جي صدر عبدالسلام ۽ ٻين جي تڏي تي وارثن سان تعزيت ۔ اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري ملڪ ۾ انجمن آرائيان پاڪستان جي پليٽ فارم تان احتجاج ڪندي ۔ سنڌ جي صدر ميان عبدالسلام آرائين ۽ ٻين جون ميڊيا سان ڳالهيون تفصيل موجب ٽنڊوالهيار ويجهو مسڻ ٿاڻي جي حد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ  قتل ٿيندڙ غلام مصطفي آرائين جو ڪيس مقتول جي ڀاء منظور آرائين جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي غلام مصطفي آرائين جي قتل جو ڪيس ڊي ايس پي نظر ڊيشڪ جي پٽ مظهر ڊيشڪ تي داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ مقتول جي ڀاء ڄاڻايو آهي ته مظهر ڊيشڪ منهنجي ڀاء غلام مصطفي کي سندس اسٽيٽ ايجنسي تان ڪنهن سودي جي بهاني سان وٺي وڃي پلاننگ سان قتل ڪيو جڏهن ته پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد مظهر ڊيشڪ کي گرفتار ڪري جانچ ڪري رهي آهي جڏهن ته انجمن آرائيان پاڪستان سنڌ جي صدر عبدالسلام آرائين ۔ جنرل سيڪريٽري نصير احمد آرائين ۔ شاهد نديم آرائين ۽ ٻين غلام مصطفي آرائين جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جيڪي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن اسان کي خبر پئي آهي ته پوليس انهن کي سهولتون ڏئي رهي آهي انهن کي سهولتون نه ڏنيون وڃن . ۽ صاف شفاف جانچ ٿيڻ گهرجي اسان کي عدالتن تي يقين آهي اسان سان انصاف ضرور ٿيندو ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي اپيل ٿا ڪريون ته مصطفي آرائين جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.