سکر ۾ قتل ڪيس جي جوابدار کي موت جي سزا

سکر(رپورٽر) ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار تي 5 لک روپين جي ڏنڊ جي پڻ سزا، خبرموجب: سکر جي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اسلم ڪورائي  مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاسي ۽ 5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ياد رهي ته جوابدار ٻه سال اڳ سانگي جي حد ۾ منٺار نالي شخص کي قتل ڪيو هو ۽ ٻن سالن کان سکر جي سينٽرل جيل ۾ قيد هو جنهن کي اڄ عدالت پاران سزا ٻڌائي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.