لاڙڪاڻي ۾ لاوارث حالت ۾ ڇڏيل ٻارڙي جو علاج جاري، حالت خراب

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ميروخان چوڪ ڀرسان يوسف آباد پاڙي مان هڪ ڏينهن گهر ٻاهريان نامعلوم ماڻهن پاران 7 مهينن جي  معصوم ٻارڙي کي لاوارث ڇڏي فرار ٿي ويا هئا جنهن جو علاج شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي چائلڊ ڪيئر وارڊ ۾ هلندڙ آهي ۽ ڊاڪٽرن سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائيندي کيس انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ڪري آڪسيجن فراهم ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان چائلڊ لائيف ڪيئر وارڊ جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ڪالهه کان وارڊ ۾ داخل ٻارڙي جو ڪوبه وارث اسپتال ناهي پهتو پر ان جي باوجود ٻارڙي جو علاج ڪري رهيا آهيون ايندڙ 24 ڪلاڪ ٻارڙي جي زندگي لاءِ اهم آهن. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين ٻارڙي جو علاج پڻ هلندڙ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.