لاڙڪاڻي ۾ مڙس جي ظلم خلاف عورت جو احتجاج، تحفظ جي اپيل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا جي رهواسڻ شادي شده عورت مڙس جي مبينا زيادتين خلاف گهر ڀاتين سان گڏجي پريس  ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي خالدہ سمون پنهنجي امڙ لطيفان، پيءُ ذوالفقار تنيو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته 6 مهينا اڳ منهجي شادي رتوديرو واسي ديدار حسين سمون سان ٿي هئي. هن الزام لڳايو ته شادي بعد مڙس شڪ ڪندي تشدد جو نشانو بڻائي گهر ۾ قيد ڪندو هو ڪجهه ڏينهن اڳ منھنجي فوتي ڀاءُ غلام حسين جو ٻارهو هو جنهن تي منهنجو والد ذوالفقار مون کي وٺڻ آيو جتي گذريل 2 سيپٽمبر تي مڙس ديدار حسين سمون پنهنجي ٻن هٿياربندن سان گڏجي گهر ۾ گهڙي پيءُ ۽ ڀاءُ سان جهيڙو ڪري مون مٿان ڪارنهن جو الزام هڻي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون بعد ۾ مون حد جي رحمت پور ٿاڻي تي شڪايت ڪئي جنهن تي پوليس مڙس کي گرفتار ڪرڻ بعد رشوت وٺي کيس ڇڏي ڏنو جنهن مان مون سميت گهر ڀاتين کي جان جو خطرو آهي. هن مطالبو ڪيو ته مڙس ۽ ٻين کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.