دريا خان مري ويجهو 5 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙهي وڌو

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري م ڪتن ڏاڙھڻ جو سلسلو رڪجي نه سگھيو ڇتي ڪتي وارڊ نمبر ھڪ جي ڳوٺ رئيس  علي خان مري جي رھواسي راشد مري ۔ احسان مري۔ مظھر مري سميت 5 ڄڻن ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو ڪتي ڏاڙھيلن کي رورل ھيلٿ سينٽر علاج لاء منتقل ڪيو ويو اسپتال م ڊيوٽي ڊاڪٽر نه ھجڻ  توڙي  اينٽي ريبيز ويڪسين نه ھجڻ سبب ڪتي ڏاڙھيلن کي ٻانڌي مان ويڪسين ڪرائي وئي ڳوٺاڻي علي حسن مري موجب شھر م ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي ۽ ڇتي ڪتي 5 ڄڻن کي چڪ ھڻي زخمي ڪيو اسپتال م ڊيوٽي ڊاڪٽر نه ھجڻ توڙي اسپتال م ڇتي ڪتي جي چڪ واري ويڪسين نه ھجڻ سبب ڪتي ڏاڙھيلن کي ٻانڌي مان اينٽي ريبيز ويڪسين ڪرائي آھي.

 هالاڻي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش

ھالاڻي  (ن ع آ) ھڪ سال اڳ ڪورٽ نوشھروفيروز ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوشھروفيروز جي رھواسڻ جو ھالاڻي جي نوجوان ميھون  خان ملاح سان پيار جو پرڻو ڪيو ھو جيڪي ھالاڻي ۾ ڪرائي جي جڳھ ۾ رھائش پزير ھيا جتي ناري جي وارثن پيڇو ڪري ھالاڻي ۾  ناري ۽ ان جي مڙس کي قتل ڪرڻ جي ارداي سان ان جي گھر داخل ٿيا ته ناري جوابدارن کي سڃاڻي ورتو ناري جي رڙين تي شھري پھچي ويا جوابدار وجھ وٺي فرار ٿيڻ لڳا اھڙو اطلاع شھرين پئٽرولنگ ڪندڙ پوليس اھلڪار محمد امين مغل کي ڏنو جيڪو جوابدارن جي پڇيو ڪندي ڳوٺ علي شير چانگ وٺ ناري کي قتل ڪندڙ سندس ڀاء گلاب چانڊيو ۽ سوٽ ديدار چانڊيو کي پسٽل ۽ موٽر سائيڪل سميت ھٿ ڪري ورتو جوابدارن کي ھالاڻي پوليس حوالي ڪيو ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ھالاڻي ٿاڻي انچارج ٻڌايو ته ناري جا وارث پڻ ٿاڻي تي موجود آھن جيڪي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندا ٻئي طرف ھالاڻي جي سياسي سماجي ڌرين پاران جوابدارن کي بروقت گرفتار ڪري نوجوان پوليس اھڪار محمد امين جي پڻ واکاڻ ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.