ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ برسات.شهر ۾ برسات پوڻ بعد بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ شهري برسات ۽ موسم مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو.

 لاڙڪاڻي ۾ سي اين جي مهانگي ڪرڻ خلاف ڊرائيورن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ سوزوڪي ڊالا سروس يونين پاران ايل پي جي ۽ سي جي اين گيس جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙي واڌ ۽ لوڊر چنگين خلاف پريس ڪلب اڳيان سوزڪيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي يونين جي صدر امداد کوسو، عبدالقادر بروهي، رجب دايو ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ سبب اڳ ئي اسين ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهيون پر ويتر اوگرا طرفان ايل پي جي ۽ سي اين جي گيس جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڊرائيورن جو معاشي قتل عام ڪري رهي آهي. هنن چيو ته اسين سوزوڪي تي اي سي، فرج، فرنيچر ۽ ٻيو سامان کڻي لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن توڙي آسپاس جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ کڻي روزگار ڪري شام جي وقت گهر جو راشن وٺندا آهيون پر اسان کي بيروزگار ڪرڻ لاءِ بغير لائسنس جي لوڊر چنگچين خلاف ضلعي انتظاميه ڪاروائي لاءِ تيار ناهي جيڪي شهرن جي سمورن روٽن توڙي آسپاس جي شهرن ۾ سامان کڻي ويندا آهن ان سان اسان جو روزگار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ اسان جا گهر ڀاتي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن. هنن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ اسان جا ڪيترائي ڊرائيور بيروزگار ٿي ذهني پريشانين ۾ مبتلا آهن پر اوگرا توڙي وفاقي حڪومت کي اسان غريبن مٿان ڪو به رحم نه پيو اچي. هنن وزيراعظم عمران خان سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ايل پي جي ۽ سي اين جي گيس جي قيمتن ۾ فوري طور لاٿ ڪرڻ سان گڏ شهر ۾ غيرقانوني طور هلندڙ لوڊر چنگچين خلاف ڪاروائي ڪري وڌيڪ بيروزگاري کان بچايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ٻهاري ۽ ڀرپاسي برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم شروع

ٻھارا (ن ع آ) ٽائون آفيسر ڳاڙھو عبدالڪريم ڪنڀار ۽ ٽائون افيسر گهوڙاٻاري عبدالغفور هيجب جاکرو پاران ايم پي اي  علي حسن زرداري جي هدايتن تي مختلف علائقن شھرن پاڙن مان برسات جو پاڻي نيڪالي لاء ڏينهن رات مضروف عمل نظر اچڻ لڳا . ڳاڙهو . ڪيٽي بندر . گهوڙاٻاري . ور شھر سميت تمام علائقن ۾ برسات جو پاڻي نيڪالي ۽ صفائي جو آپريشن تيزي سان هلندڙ جنهن ۾ ٽائون آفيسر ڳاڙھو اينڊ ايڊمنسٽريٽر ڳاڙھو عبدالڪريم ڪنڀار ۽ ٽائون آفيسر گهوڙاٻاري اينڊ ايڊمنسٽريٽر گهوڙاٻاري . ڪيٽي بندر عبدالغفور ھيجب جاکرو پنهنجي مڪمل اسٽاف عملي ساڻ تڪ پي ايس 78 جي مختلف شھرن ڳوٺن محلن پاڙن مان ڏينهن رات پاڻ عملي سان گڏجي عوام کي رليف پهچائڻ لاء برسات جي پاڻي جي نيڪالي ۽ صفائي جو ڪم ڪرائي رهيا آھن اهڙي قسم جي عمل تي تڪ پي ايس 78 گهوڙاٻاري جي عوام ۾ سرهائي آھي ۽ عوام ايم پي اي علي حسن زرداري جو ٿورو مڃيو آھي . ٻئي پاسي ٽائون آفيسر ڳاڙھو عبدالڪريم ڪنڀار ۽ ٽائن آفيسر گهوڙاٻاري عبدالغفور ھيجب جاکرو چيو آھي ايم پي اي علي حسن زرداري جون تڪ پي ايس 78 ,جي عوام کي مڪمل طور رليف فراهمي لاء خاص هدايتون جاري ٿيل آھن جنهن جي نگراني علي حسن زرداري پاڻ ڪري رهيو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.