ڪنڊيارو ويجهو ڀت ڪرڻ سبب ٻارڙو فوت

ڪنڊيارو (ن ع آ) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ جواڻ سولنگي ۾ راند کيڏندڙ ٻارڙن مٿان ڀت ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ٻارڙو پنجن ورھين جو علي جان پٽ صلاح الدين  فوت ٿي ويو جڏهن ته ھڪ  ٻارڙي ڇھن ورھين جي عليزه ڌي مجاھد زخمي ٿي پئي۔ فوت ٿيل ٻار ۽ زخمي ٿيل ٻارڙي کي تعلقه اسپتال آندو ويو فوتي  ٻار جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو والدين کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا.

مير الطاف تي تشدد جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن: صحافي

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي صدر غازي جهنڊير طرفان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، اطلاعات کاتي واري  صوبائي وزير سعيد غني ۽ آئي جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ڪيو آهي ته صحافين تي حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي،سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران جاري ڪيل بيان چيو ويو آهي ته سانگهڙ پوليس صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، اڄ جهول جي صحافين مير الطاف ۽ غلام قادر ملوڪائي تي هٿياربندن سرعام فائرنگ ۽ تشدد ڪيو آهي جنهن ۾ ٻئي صحافي زخمي ٿي پيا جن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال سانگهڙ مان حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي پر هن وقت تائين پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي۔ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي مرڪزي صدر غازي جهنڊير چيو آهي ته گذريل مهيني سانگهڙ جي ورڪشاپ واري علائقي ۾ قاتلاڻي حملي دوران زخمي ڪيل صحافي غلام قادر شر اڃان علاج هيٺ آھي ته وري وڌيڪ ٻن صحافين کي دهشتگردي جو شڪار بڻايو ويو آھي۔ هن چيو ته سانگهڙ ضلعو صحافين لاءِ خطرناڪ  بڻجي چڪو آهي ان ڪري سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿو ڪجي ته صحافين مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قلم ڌڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.