بوزدار وڏا ۾ پيرسن جو پٽ جي اغوا خلاف احتجاج

بوزداروڏا  (ن ع آ) بوزداروڏا لڳ درگاه سيد يوسف شاھ جيلاني جي رهواسي بزرگ جو بااثر وڏيرن جي چرچ تي نوجوان پٽ اغوا خلاف صحافين  اڳيان احتجاج ڪيو ان موقعي تي درگاه سيد يوسف شاه جيلاني جي رهواسي محمد عرس سيال اکين مان ڳوڙها ڳاڙين ميڊيا وارن کي ٻڌائيندي چيو ت منهنجو پٽ صبح خيرپور حاضري تي ويل هيو جيڪو جئين واپس عدالت سڳوري مان واپس ٻاهر نڪتو ت ٻٽ ٻڌل ڪار سوار کيس اغوا ڪري ويا آھن جڏھن ت خيرپور پوليس اڳيان داهئڻ باوجود پوليس بنا رشوت جي ڪن لٽار ڪري واپس ڪري ڇڏيو هن الزام هڻندي چيو ته منهنجي پٽ کي نصير فقير جلالاڻي جي اڳوڻي چيئرمين فقير امجد جلالاڻي منهنجي پٽ کي  اغوا  ڪرايو آھي جن جي برادري جي ناري صنوبر جلالاڻي سان پيار جو پرڻو ڪيو هيو ۽ جنهن جو عدالت سڳوري منهنجي پٽ زنوار سيال جي حق ۾ فيصلو ڏئي انهن کي پاڻ سان گڏ رهڻ جي پڻ اجازت ڏني هئي مگر بااثر منهنجي پٽ کي اغوا ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏيندو رهيو هيو جيڪو پڻ ان اڄ ڪري ڏيکاريو اسين غريب مسڪين آھيون بااثر وڏيرو منهنجي پٽ کي ڪٿي قتل ن ڪرائي ڇڏي هن وڌيڪ آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي آھي ت بااثر خلاف قانوني ڪاروائي ڪري منهنجو اغوا ڪرايل پٽ صحيح سلامت واپس ڪرايو وڃي ن ت مان ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي خيرپور آفيس اڳيان پاڻ مٿان پيٽرول هاري باه ڏئي ساڙيندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.