جوهي لڳ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي، ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

جوهي  ( ن ع آ  ) جوهي لڳ ڳوٺ محبت لنڊ ۾ لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾  پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو هڪ ڌر پاران ڏنڊن سان حملو  ڪري دلدار علي ولد محمد شڪيل  ۽ رياض حسين ولد حاجي جيوڻ لنڊ  سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي, زخمين کي جوهي ٿاڻي تي آندو ويو  جتان ليٽر ملڻ بعد تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو, جوهي پوليس فاطمه  لُنڊ جي فرياد تي ستن ڄڻن حبيب الله, محمد پريل ,عبدالڪريم , عبدالحميد ,خان محمد ,۽ ٻين خلاف جهيڙي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي  آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي ٻئي طرف حملي آور جوابدارن جي گرفتاري لاء مسمات فاطمه لنڊ جي اڳواڻي ۾ جوهي ٿاڻي جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو جتي مسمات فاطمه ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو ته مخالف ڌر جا جوابدار با اثرآھن جيڪي اڳ به اسان تي خوني حمله ڪري چڪا آھن هاڻ ڳوٺ لڏو کڻائڻ لاء ڌمڪائي رهيا آھن آخر ۾ ھن آء جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته خوني حملي جا جوابدار  گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.