ملير مان کنڀي گم ڪيل 2 ڄڻا اڃا قيد، آزادي لاءِ احتجاج

ملير (ڊ.ر) گهگهر ڏيڊ سال اڳ کنڀي گم ڪيل پٺاڻ زهراڻي، ساگر سعيد گاڏهي جي وارثن ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سندس بازيابي لاءِ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، کنڀي گم ڪيل پٺاڻ زهراڻي، ساگر  سعيد گاڏهي کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، مظاهرين، خبر موجب ؛ گهگهر لڳ ڏيڊ سال اڳ کنڀي گم ڪيل پٺاڻ زهراڻي ۽ ساگر سعيد گاڏهي جي بازيابي لاءِ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ زاهد زهراڻي، سنڌ سڀا جي اڳواڻ عبدالطيف خشڪ، گم ڪيلن جي وارثن عرفان زهراڻي، فرحان گاڏهي جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته ڏيڊ سال اڳ پٺاڻ زهراڻي کي گهگهر مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي جڏهن سعيد گاڏهي کي ڏيڊ مهينو اڳ شاهه لطيف ٽائون مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، کنڀي گم ڪيل پٺاڻ زهراڻي پورهيت آهي جڏهن ته سعيد گاڏهي پنهنجي دڪان هلائيندو آهي، هنن جو ڪنهن به مذهبي، سياسي، قومپرست جماعت سان ڪوبه تعلق نه آهي،  سندن گم ٿيڻ سبب وارث سخت پريشان آهن، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته کنڀي گم ڪيل پٺاڻ خان زهراڻي ۽ ساگر سعيد گاڏهي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.