روهڙي پوليس 2 ڄڻا کنڀي گم ڪري ڇڏيا، سکر ۾ مظاهرو

 سکر( رپورٽر) روھڙي  ڪنڌرا ناڪا جي رهواسي چنا برادري جو پاڪ ڪتاب کڻي روھڙي ۽ عادلپور پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙ مسمات عجائب، مسمات فاطما، شوڪت  چنو، غلام علي چنو ، خادم چنو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ھڪ ھفتو اڳ روھڙي ٿاڻي جو ايس ايڇ او ثناءُ الله کونھارو ۽ عادلپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او رضوان ناريجو بااثر ڏوھاري ديدار ڪلھوڙو جي چرچ تي گھر تي چڙھائي ڪري عبدالڪريم چنو ۽ ذوالفقار علي چنو کي کنڀي کڻي ويا، جڏھن ته عادلپور پوليس عبدالڪريم چني تي چوري جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪري ظاھر ڪيو آھي جڏھن ته ذوالفقار چنو کي گم ڪري ڇڏيو آھي، اسان کي خدشو آھي ته بااثر ڏوھاري ديدار ڪلھوڙو جي چوڻ تي پوليس ذوالفقار کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي هاف يا فل فرائي نه ڪري ڇڏي، ھنن ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي،  ايس ايس پي سکر  عرفان سمون کان گھر ڪئي آھي ته شفاف جاچ ڪرائي کنڀي گم ڪيل ماڻھن کي آزاد ڪري کين انصاف فراھم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.