نصيرآباد ۾ٻن ڌرين ۾جهيڙو، احتجاج

نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد لڳ ڳوٺ ۾ ايري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، عورتن ۽ زخمي نوجوان تي تشدد، پوليس تدارڪ نہ ڪيو رپورٽ موجب  نصيرآباد لڳ ڳوٺ علي نواز ايري ۾ ايري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ جوابدارن عورتون ۽ زخمي نوجوان تي سخت تشدد ڪيو ان سلسلي ۾ متاثر عورتن مسمات نجمہ، مسمات سلما ۽ زخمي نوجوان شعيب ايري تعلقہ پريس ڪلب نصيرآباد ۾ دانھيندي زخمي نوجوان جي ماءُ چيو تہ اسان جي ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ جمع خان ايري جا قربان ايري، وحيد ايري، نويد ايري ڪجھ ڏينھن اڳ منھنجي پٽ شعيب ايري کي ڪراچي ڪمائڻ لاءِ وٺي ويا جتي مٿين جوابدارن منھنجي پٽ کي مال وارو ٽڪو يا زھر ڏنو جنھن کانپوءِ منھنجو زخمي پٽ ڪراچي کان ڳوٺ پھتو جنھن کي مان لاڙڪاڻو اسپتال وٺي ويس جتي ڊاڪٽرن سندس آنڊي جو آپريشن ڪيو آهي پر غربت سبب دوا نہ وٺي ڏني اٿم هن چيو تہ منھنجي پٽ سان ٿيل زيادتيءَ جي دانھن ڳوٺ ۽ تر جي چڱن مڙسن کي ڏني پر ڪو بہ تدارڪ نہ ٿيو جوابدارن خلاف دانھڻ تي مٿيان جوابدار ڏنڊا ۽ لٺيون کڻي مون مٿان منھنجي نياڻي ۽ منھنجي زخمي پٽ مٿان سخت تشدد ڪيو آهي جنھن ۾ منھنجي پٽ جي پيٽ مان آپريشن واري جاءِ مان رت اچي رهيو آهي هن چيو تہ اسان مسڪين غريب ماڻھو آهيون ۽ منھنجو مڙس پڻ ٽنگ ڀڳل هجڻ ڪري گھر ۾ کٽ تي پيل آهي جوابدارن جي ظلم خلاف اسان نصيرآباد ٿاڻي تي آياسين پر پوليس اسان جي فرياد وٺڻ بجاءِ اسان کي موٽائي ڇڏيو هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي تہ اسان مٿان ظلم ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.