موري ۾ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو احتجاج، ڌرڻو

مورو (رپورٽ : شاھنواز ڀٽي ) مورو ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ گچيرو روڊ تي ٿيل جهيڙي ۾  قتل ٿيل ڳوٺ ٽپال جي رهواسي شرف الدين سولنگي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مورو  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي سولنگي قومي موومينٽ جي اڳواڻ نعمت الله سولنگي, الهڏنو سولنگي, حاجن سولنگي, امام الدين سولنگي, رب ڏنو سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان شاعر ۽ ليکڪ شرف الدين سولنگي کي ڳالهين لاء گهرائي کيس گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنهن جو ڪيس مورو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو پر هن محل تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويتر وڏي رشوت وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي فرياد تي اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن ڪري وارثن ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇانئجي وئي آهي اهو عمل پوليس جو برداشت نه ڪيو ويندو هنن چيو ته هي ڪٿان جو انصاف آهي ماڻهو به اسان جو بيگناھ قتل ٿئي ۽ ڪيس به اسان تي داخل ٿئي هنن وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاھ, آء جي پوليس سنڌ, ڊي آء جي شهيد بينظير آباد, ايس ايس پي نوشهرو فيروز کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.