نوابشاهه ضلعي جي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي

ايڊيٽوريل

رپورٽن موجب سنڌ گروئرس (آبادگار) آرگنائيزيشن پاران هنن موتمار گرمين ۽ نٽهڻ اُس ۾ چئن ڏينهن کان 22 ارب روپين جي رهتن جي ادائگي لاءِ حبيب شگر مل نوابشاهه ۾ مک دروازي آڏو ڌرڻو ڏنو پيو وڃي.  چئن ڏينهن کان نه ضلعي انتظاميا نه شوگر انتظاميا ۽ نه ئي ڪو عوامي نمائندو سراپا احتجاج بڻيل آبادگارن وٽ پهتو آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت نوٽيس نه ورتو ته تحريڪ کي وڌائيندي حبيب شگرمل کانپوءِ ضلعي جي ٻين شگر ملن النور شگرمل، ٻانڌي شگر مل وغيره تي پڻ ڌرڻا ڏنا ويندا. ياد رهي ته آبادگارن جي هيءَ احتجاجي تحريڪ 8 سيپٽمبر کان شروع ڪئي وئي آهي.

هن ملڪ اندر رهندڙ هر طبقي جا جيئن بنيادي حق هوندا آهن تيئن سنڌ جي هنن آبادگارن جا به ڪي مسئلا ۽ حق آهن جيڪي سنڌ حڪومت کي نه رڳو پنهنجو فرض سمجهي ٻڌڻ گهرجن پر انهن جي حل لاءِ به ترت اُپاءَ وٺڻ گهرجن پر هتي بنيادي حقن ماڻڻ لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ احتجاج کي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي ۽ احتجاج ڪندڙن سان ڏوهارين وارو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي.

رپورٽون آهن ته نوابشاهه ضلعي جي چئن شگرملن حبيب شگرمل، سڪرنڊ شگرمل، النور شگر مل ۽ ٻانڌي شگر مل ڏانهن ضلعي جي آبادگارن  جا 22 ارب رپيا رهن ٿا يعني رهتون آهن جيڪي مل جا مالڪ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. جنهن نتيجي ۾ آبادگارن کي عدالت جو دروازو کڙڪائڻو پيو پر ان المئي تي ڇا چئجي ته سپريم ڪورٽ جي 2018ع ۾ ڪيل حڪمن باوجود ملن جا مالڪ آبادگارن کي رهتون ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ان انياءَ خلاف آبادگارن ڪراچي پريس ڪلب آڏو به احتجاج ڪيا پر پوءِ به ڪو کڙتيل نه نڪتو. پر هي رهتون آبادگارن جو حق آهي ۽ پنهنجو حق ماڻڻ ڪو ڏوهه ناهي ۽ جيڪڏهن اهو ڏوهه آهي ته آبادگارن جو چوڻ آهي ته هو اهو ڏوهه ڪندا رهندا.

اسان آبادگارن جي موجوده جدوجهد جو احترام ڪيون ٿا ۽ ان جي دل جي گهراين سان حمايت به ڪيون ٿا ۽ سندن جدوجهد جو حصو بڻجڻ حق ۽ سچ لاءِ آواز به اٿاريون ٿا ته سنڌ سرڪار آبادگارن جو مسئلو ترت حل ڪندي هن موتمار گرميءَ ۾ سندن احتجاج کي ختم ڪرائي. اسان کي اهو ڏسي بيحد حيرت ٿي رهي آهي ته هڪ زرعي ملڪ جنهن جي معاشي طاقت زراعت هجي سا زراعت جي شعبي ۽  آبادگارن سان زيادتيون  ٿي ڪري، اهو عمل ايئن آهي جيئن ڪو ماڻهو ان وڻ جون شاخون ڪپيندو هجي جنهن تي پاڻ ويٺل هجي. زراعت ۽ آبادگارن ئي اسان جي خوارڪ جو وسيلو ۽ سهارو آهن جيڪڏهن اسان پنهنجي زراعت جي عزت نه ڪئي ته پوءِ ڪنهن جي ڪنداسين.

حڪمرانن کي ۽ شگرمل جي مالڪن کي آئيني، قانوني، اصولي ۽ اخلاقي گهرجن تحت آبادگارن جو هي مسئلو ڏسڻ گهرجي. سندن هٿ وڏا آهن ۽ آبادگارن  جون رهتون ننڍڙيون آهن، خدارا ساڻن انصاف ڪيو ۽ انصاف ڪرڻ ئي حڪومتن جو ڪم هوندو آهي. ملڪ  جون عدالتون به اوهان کي جڏهن پابند بڻائين ٿيون ته آبادگارن جون رهتون جائز آهن ته پوءِ اهي نه ڏيڻ جو ڪو جواز ناهي.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته ننڍن مسئلن ۽ تحريڪن کي جن حڪمرانن وقت پٽاندڙ اهميت نه ڏني ته پوءِ اهي ننڍڙا احتجاج، بغاوتن ۽ انقلابن جي شڪل وٺي حڪمرانن جا تختا ئي اونڌا ڪري ڇڏيندا آهن پر اوهان جيئن ته سندن ئي چونڊيل ۽ جمهوري حڪمران طور ڄاتا وڃون ٿا تنهن ڪري اوهان کي ساڻن انصاف جي وينتي ڪجي ٿي.

قديم آثار ليلا جي آتڻ تي پوليس جي ڪاهه ۽ بدتميزي!

رپورٽون آهن ته اڪردگي چودڳي ۾ ليلا جا آتڻ واري قديم آثار تي ٿيندڙ کوٽائي لاءِ قائم ڪيل ڪيمپ کي پوليس پٽي، قديم آثارن جي ٽيم ۽ شاگردن کي کوٽائي جي ڪم کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ نه رڳو روڪي ڇڏيو پر پوليس ساڻن انتهائي بدتميزي وارو رويو اختيارڪندي کوٽائي جو سامان ۽ ڪيمرائون پڻ ڦري ورتيون آهن. آرڪيالاجي کاتي پاران ان کوٽائي لاءِ عارضي طور مقرر ڪيل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کاتي پاران ان کوٽائي لاءِ عارضي طور  مقرر ڪيل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس آرڪيالاجي جي ٽيم کي تحفظ ڏيڻ بدران دهشت گردن وانگر ڏاڍ ۽ ڌمڪين سان ڪم بند ڪرايو جڏهن ته کين ٻڌايو به پئي ويو ته هي ڪم آرڪيالاجي کاتي پاران ڪرايو پيو وڃِي جنهن ۾ يونيورسٽي جا شاگرد به بهرو وٺي رهيا آهن.

اسان کي هن واقعي تي نه رڳو بيحد افسوس ٿيو آهي پر اڄ جي حڪومتي ادارن تي اچرج به ٿي رهيو آهي جيڪي سرڪاري سطح تي جاهلاڻيون حرڪتون ڪري رهيا آهن. مٿي ڄاڻايل پوليس عملدارن کي اها به خبر ناهي ته ڌرتي جي جنهن به مٿاڇري تان ڪو قديم آثار دريافت ٿيندو آهي ته اهو سرڪاري ملڪيت ٿي ويندو آهي. ۽ ان جي حفاطت ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري بڻجي ويندي آهي. پر هتي سرڪاري کاتي طرفان سرڪاري اداري جي تحقيقي ڪم خلاف ڪارروائي ٿي آهي. پوليس کي اها به خبر ناهي ته انهن ڏوهه ڪيو آهي. ڄاڻايل پوليس عملدارن کي افسوس ته سنڌ جي قديم آثارن جي انتهائي سينيئر ماهر ۽ لطيف يونيورسٽي جي رٽائرڊ پروفيسر غلام مصطفيٰ شر جي اعليٰ رتبي جو به لحاظ نه ڪيو ۽ ان کان به وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن اها انتهائي معتبر شخصيت کين ليلا جي آتڻ تي ٿيندڙ کوٽائي بابت آگاهه به ڪيو تڏهن به ان سان بدتميزي ڪئي وئي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي سا گهٽ آهي.

اسان جو خيال آهي ته سنڌ جي قدم آثارن جي کاتي کي ان واقعي جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ سنڌ سرڪار کي گهرجي ته اها پوليس عملدارن لاءِ خاص سکيا جا پروگرام به ڪرائي ۽ کين سياسي، سماجي، علمي ادبي تاريخي ۽ ثقافتي  ورثي جو شعور به عطا ڪري جيئن اهي تعليم يافته سماج جو حصو به بڻجي سگهن ۽ پنهنجي عمل مان ڪنهن ريت به دهشت گرد، ڌاڙيل ۽ رهزن نه پر عوام دوست اهلڪار ۽ عملدار نظر اچن. اهڙن پوليس عملدارن ڪري سڄو پوليس کاتو بدنام آهي. ڄاڻايل پوليس عملي کي پابند بڻايو وڃي ته اهي پنهنجي ان ڪڌي حرڪت تي سينيئر آرڪيالاجسٽ غلام مصطفيٰ شر ۽ سندس ٽيم کان معافي وٺي غلطي جو سهڻي نموني ازالو ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.