سرداري  ڀت ۾ لڳل ڪوڪي جھڙو فيصلو !!!

تحرير: امرشر 

سنڌ جتي ٻين عذابن سان گڏ پيرن ميرن ۽ سردارن جو وحشت ۽ دھشت وارو قانون پڻ ھلي ٿو ، سنڌ ۾ صدين کان سرداري نظام  بربريت ظلم ۽ زيادتين جا نوان باب رقم ڪندو ٿو اچي ، سردار جن کانسواءِ انھن جي تر ۾ پن به نٿو چري سگھي جيڪي پنھنجي پنھنجي حلقن ۾ عام خلق خدا کي پنھنجو غلام سمجھي پنھنجي وحشت ۽ دٻدٻي ھيٺ رکي پاڻ بي تاج بادشاھ بنيل آھن جيڪي اڇي ڪاري جا مالڪ ھوندا آھن سردار جيڪي جنھن وقت چاھين جنھن کي چاھين اغوا ڪرائي ماري ساڙي سگھڻ جا صوابديدي اختيار رکندا ھجن، جيڪي ٿاڻا خريد ڪندا آھن، جن جي بنگلن تي ڪو پير ۾ چپل پائي وڃڻ جي خطا ناھي ڪندو، جن جي پيرن مان سندن جتي مبارڪ لاھڻ لاءِ بنا جتي وارو غريب مقرر ٿيل ھوندو آھي اھي جيڪي به ڳاڙھين کي ڪارو ڪري پنھنجي جٺ جھڙن جرڳن تي شھپر وٽي فخر ڪندا آھن ھا اھي سنڌ جا سردار جيڪي ڌاڙيلن ۽ پوليس ٻنھي سان ٻٽ ھوندا آھن اھي سردار جيڪي پاڻ ظلم ڪري ۽ وري پاڻ جھان خان وارا جرڳا ڪندا آھن

انھن سردارن ھٿان مينديءَ جي خوشبو رکندڙ ميھڙ شھر ۾ رت جي بوءِ ڦھلائي ھڪ گھر جي ٽن ڀاتين کي بي دردي سان قتل ڪرڻ جا الزام آھن. قتل ٿيل انھن ٽن مقتولن جي وارثي ھڪ اھڙي ڇوڪري. ڪري رھي ھئي جيڪا واقعي به لطيف جي ڪا سورمي ھئي جيڪا مانگر مڇن جي مقابلي لاءِ انصاف جي اميد کڻي قانون جو سھارو وٺي پنھنجي والد ڏاڏي ۽ چاچي جي خون ناحق جو انصاف وٺڻ لاءِ ڪارا ڪپڙا اوڍي پير اگھاڙا ڪري انھن عدالتن جو رخ ڪيو جتي انصاف به ڀوتارن وٽ وڪامندو آھي جتي جو قانون صرف ھيڻي تي حرڪت ۾ ايندو آھي ان باوجود ھوءَ جدوجھد ڪندي رھي انصاف لا ءِعدالتن ۽ انھن ۾ ويٺل وڏن منصفن جي گاڏين آڏو ليٽندي ۽ رڙندي رھي ھا اھا ميھڙ جي سنھڙي سيپڪ نياڻي ام رباب آهي جنھن جا حوصلا ھماليا کان به ڏاڍا ھيا شايد لطيف سرڪار به اھڙي بھادر نياڻي لاءِ چيو ھيو ته

ور ۾ ڪونھي ور ڏيرن ور وڏو ڪيو،

نھاريندس نڪري بوتن ڪارڻ بر،

آڏو ٽڪر ٽر متان روھ رتيون ٿئي.

۽ ڪالهھ اھو روھ ان وقت رتيون ٿي ويو جڏھن ھڪ مظلوم پر ارادن ۾ مضبوط ام رباب دادو جي عدالت ۾ سرخرو ٿي ۽ وحشت جي علامت سردارن کي عدالت جوابدار قرار ڏيندي ڪيس مان نالا نه ڪڍڻ جو حڪم صادر ڪيو عدالت جو اھڙو حڪم صرف ام رباب لاءِ  نه پر سنڌ جي ھر مظلوم  نياڻي لاءِ باعث فخر ۽ باعث خوشي آھي . ڇاڪاڻ ته انھن  سردارن خلاف فيصلو آيو آھي جيڪي پنھنجون عدالتون قائم ڪري ويٺل آھن جيڪي پيسي ۽ فرعوني طاقت سان ھر شي خريد ڪري ھر ڏوھ کان آجا ٿي ويندا آھن، ان وقت عدالت جو فيصلو يقينن دھشت ۽ وحشت جو نشانو بنيل سنڌ جي سوين ماڻھن جي نااميد اکين ۾ ھڪ اميد جيان ھوندو

ام رباب جي حق ۾ آيل فيصلي سان اھو واضع ۽ چٽو پيغام ملي ٿو ته ڪنھن به ڏاڍ کان ڏرڻ بدران ان جو مقابلو ڪجي ھمت ۽ حوصلو نه ھارڻ گھرجي، ظلم آڏو سينا سپر ٿي بيھي وڃڻ اوھان جي ڪاميابي جي ضمانت ھوندو آھي

جيئن ام رباب پنھنجن پيارن جي رت سان انصاف ڪرڻ لاءِ سڀ خوف لالچون ڇڏي تتي ٿڌي ڪاھيندي رھي ۽ آخر ان کي ھاڻ انصاف انھن اکين جي اوڏڙو ٿيندي نظر پيو اچي جيڪي اکيون پنھنجن پيارن لاءِ روئي روئي سڪي ٺوٺ ٿي ويون ھيون !

ڪالهھ واري فيصلي مان ظاھر آھي ته ھاڻ سنڌ ۾ ڏاڍو سو گابو وارو قانون نه ھلندو ھاڻ سردار پير مير جنھن کي مرضي اچي ان جو سر کڻندي به سوچيندا ! اڄ جڏھن سنڌ جي ھڪ معصوم ھڪ مظلوم نياڻي کي عدالتي فيصلي مان  انصاف جي ھڪ اميد اٿي آھي تڏھن يقينن ان جي اندر ۾ وڏي وقت کان پوءِ ميھڙ جي ميندي جھڙي خوشي جي خوشبو جو احساس اڀريو ھوندو ۽ ٻئي پاسي سردارن کي پنھنجي سرداري واري ڀت ۾ پھريون ڪوڪو لڳندي محسوس ٿيو ھوندو ڇاڪاڻ ته اياز ائين ته نه چيو ھو ته

نيٺ ته ڊھندي ڪيسين رھندي

ڌوکي جي ديوار اويار……

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.