گمنام پر متحرڪ ڪردار: احسان احمد ڦرڙو

تحرير: ساجد مسڻ

اسان جي هن سماج ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا ڪردار ملندا، جيڪي پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي سوچيندا آهن، مطلب ته اهي اجتماعي ترقي يا مفاد جا خواهشمند هوندا آهن، اهي پاڻ لاءِ نه سوچيندا آهن، سندن سوچ، نظريو، مفاد ۽ منشور انسان ذات جي ڀلائي بهتري، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هوندو آهي. ڪي زنده ڪردار، سماج دوست، عوام دوست خدمتِ خلق ڪرڻ وارا اعلي آدرشي انسان پيا آهن، جيڪي عوام جي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن.  اهڙن ڪردارن مان احسان احمد ڦرڙو صاحب به هڪ آهي.

سندس جنم 8 سيپٽمبر 1965ع ۾  ڳوٺ علي محمد ڦرڙو تعلقو ڪنڊيارو ضلع نوشهروفيروز ۾  ٿيو .پڙهائي محنت ڪرڻ واري سُتي ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي والد صاحب کان ورثي طور مليل هئي، انهيءَ ڪري پاڻ هر امتحان ۾ پوزيشن کڻندو آيو آهي. ميٽرڪ کان پوءِ انٽر سچل ڪاليج نوابشاه مان1883ع ۾ A1 گريڊ مان ڪيائين، جڏهن ته گريجوئيشن ۾ بي-اي اليڪٽريڪل فرسٽ ڪلاس  مهراڻ يونيورسٽي نوابشاه ۾ پاس ڪيائين.سندس لکڻي اڄ به تمام بهترين، معني خيز ۽ اثرائتي آهي،جڏهن پاڻ 1992ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو، کيس انفارميشن ڊپارٽمينٽ مليو جتي اڳوڻي صدر فاروق احمد لغاري جو اسپيچ رائيٽر رهيو ۽ بينظير صاحبه جو سرڪاري پروٽوڪول آفيسر جا فرائض ڏيندو رهيو. ڪجهه وقت نوڪري ڪرڻ کانپوءِ انهيءَ محڪمي کي ڇڏي ڏنائين. سندس نوڪري ڇڏڻ جو خاص سبب تعليمي شعبي ۾ خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ قوم جي نوجوانن کي شعور ڏيڻ هو. محنت کي پنهنجو هٿيار سمجهندي فزڪس ۽ مئٿ سبجيڪٽس ۾ ايتري ته محنت ڪيائين جو اڄ سندس آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج يونيورسٽي ليول جي ڪلاسن ۽ عام ڪورسز جن ۾ A level ۽ O level شامل آهن،پڙهائڻ جي لحاظ کان سندس شمار دنيا جي ٽاپ ٽين استادن ۾ ٿئي ٿو.

پاڻ جديد دور جي سهولت مان فائدو وٺندي يوٽيوب جي ذريعي به آن لائن ڪلاسز وٺندو آهي، جتي پاڻ "ڦرڙو اڪيڊمي” نالي اداري ۾ ڪلاس وٺندو آهي، جتي پڻ سندس هزارين فالوورز آهن، جيڪي سندس ڪم ۽ تخليق مان ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن.

کيس تعليم کاتي ۾ انڪري به وڌيڪ دلچسپي آهي جو سندس بابا سائين به تعليم کاتي ۾ استاد رهيو هو.پاڻ  اڄڪاله ڪراچي جي وڏن تعليمي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

سندس ٽيوشن دور کان ويندي اڄ جي دور تائين غريب شاگردن کي مفت تعليم ۽ رهائش جهڙا ڪم به پنهنجي وت ست آهر ڪندو رهي ٿو.

سائين احسان احمد ڦرڙو صاحب ثابت ڪري ڏيکاريو ته محنت ڪئين ڪجي؟ محنت جو ڦل ڪئين ملندو آهي؟ ڀائرن کي پيءُ وانگر ڪئين پالجي، ڪئين پڙهائجي ۽ ڪئين روزگار سان لڳائجي؟

نشات طرفان لڳل تعليمي ڪئمپ ۾ ايڊووڪيٽ احسان گل ڏاهري صاحب استاد جي حيثيت ۾ ايندو هيو، ليڪچر ڏيندو هو، پاڻ اجتماعي ترقي جا قائل آهن، هر هڪ کي عزت ڏيڻ، سندن مدد ڪرڻ، ، تعليمي حوالي سان سڀني شاگردن جي رهبري، رهنمائي، حوصلا افزائي، عزت افزائي ۽ همت افزائي ڪرڻ ڄڻ سندس ڪرت ۾ شامل آهي.

اڄ به ڪيترائي شاگرد کائنس تعليمي حوالي سان مدد وٺي رهيا آهن، جيڪي پي ايڇ ڊي ڪري پڻ وڏن عهدن تي پهتا آهن ته ڪي وري سي ايس ايس ۽ پي سي ايس ڪري ڪامورا بڻجي ويا آهن، ڪي وري انتظامي طور وڏن عهدن جا مالڪ بڻيل آهن، جيڪي اڄ به سندس گهڻي عزت ۽ بي لوث خدمت ڪن ٿا، جيڪو عمل سندس لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.

اهڙن ڪردارن لاءِ استاد بخاريءَ چيو آهي ته

جو  قوم جياري  اهو  جيئندو  رهندو ،

جو  عام   اجاري  اهو جيئندو  رهندو ،

مون کي تاريخ  ۽  تقدير ڏني پڪ آهي ،

جو سنڌ  سنواري  اهو  جيئندو  رهندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.